تنهنجي منهنجي ڪهاڻي- ڪتاب

تنهنجي منهنجي ڪهاڻي- ڪتاب

تنهنجي منهنجي ڪهاڻي

تنهنجي منهنجي ڪهاڻي ( ڪتاب ):ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي ڪهاڻيڪار ، چتري ناگپال جي 11 ڪهاڻين ۽ جيون جهلڪين ( آتم ڪٿا ) تي مشتمل ، ڪرائون سائيز جي 148 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ، چتر ليکا پرڪاشن ، بئنگلور پاران ليکڪ خود 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ، جنهن جي قيمت 40 رپيا آهي . ڪتاب جو انتساب ، ليکڪ ، آتم ڪٿا ۾ آيل نيڪ انسانن جي نالي ڪيو آهي . هن ڪتاب جي 93 صفحي کان 148 صفحي تائين 55 صفحن تي پکڙيل چترو ناگپال جي آتم ڪٿا ” جيون جهلڪون “ جي نالي سان موجود آهي . ڪتاب جو تعارف ليکڪ پاڻ لکيو آهي . سندس آتم ڪٿا ۾ ليکڪ جي جنسي جذبن ۽ غربت جو ذڪر آهي ، جيڪي ٻئي ڳالهيون هن شدت سان ڀوڳيون آهن . چترو ناگپال 2006ع ۾ گذاري ويو آهي .


لفظ تنهنجي منهنجي ڪهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو